تهران (ويب ڊيسڪ) ايران لبنان ۾ جنگبندي کانپوءِ آبناءِ هرمز کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته لبنان ۾ جنگبندي کي ڏسندي آبناءِ هرمز مان سڀني واپاري بحري جهازن جي اچ وڃ جنگبندي جي باقي مدي لاءِ مڪمل طور کولي رهيا آهيون.
هن چيو ته اها اچ اوڃ ان گڏيل رستي موجب هوندي، جنهن جو اعلان اڳ ئي پورٽس اينڊ ميري ٽائم آرگنائيزيشن آف ايران طرفان ڪيو ويو آهي، جيڪا اسلامي جمهوريه ايران تحت ڪم ڪندي آهي.
هوڏانهن ايراني فوج چيو آهي ته فوجي جهازن کي آبناءِ هرمز مان گذرڻ جي اجازت ناهي، جڏهن ته واپاري جهاز مقرر رستي ۽ پاسداران انقلاب نيوي جي اجازت سان گذري سگهن ٿا.
واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو هو ته لبنان ۽ اسرائيل وچ ۾ 10 ڏينهن جي جنگبندي تي اتفاق ٿي چڪو آهي.
You might also like