ڊي اِي او ڪورنگي بورڊ جون هدايتون هوا ۾ اڏائي ڇڏيون، ڇوڪرين جي امتحاني مرڪز جو غير قانوني دورو، ماسترياڻين جي ٿيلهن جي تلاشي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بورڊ طرفان واضح هدايتون جاري ٿيڻ باوجود ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ڪورنگي امداد لاشاري ڇوڪرين جي امتحاني مرڪز جو دورو ڪيو ۽ ماسترياڻين جا ذاتي ٿيلها چيڪ ڪندو رهيو.
سوشل ميڊيا تي اهڙيون وڊيوز سامهون آيون آهن، جن ۾ امداد لاشاري کي لانڍي جي هڪ اسڪول ۾ گرلز امتحاني مرڪز تي غير قانوني دورو ڪندي ۽ ماسترياڻين جا ذاتي ٿيلها چيڪ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، جنهن تي سوشل ميڊيا واهپيدارن سخت ردعمل جو اظهار ڪيو.
واهپيدارن جو چوڻ آهي ته بورڊ طرفان واضح هدايتون موجود هيون ته فيميل امتحاني مرڪزن تي رڳو فيميل ويجيلينس ٽيمون مقرر ڪيون وينديون ۽ ميل ويجيلينس جي داخلا تي پابندي هوندي پر ان باوجود امداد لاشاري جو فيميل سينٽر ۾ داخل ٿي ڪارروائيون ڪرڻ نه رڳو ضابطن جي ڀڃڪڙي آهي پر عورت اسٽاف ۽ شاگردياڻين کي هراسان ڪرڻ جهڙو عمل آهي.
سوشل ميڊيا واهپيدارن مطالبو ڪيو آهي ته نياڻين کي هراسان ڪرڻ جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ اهڙن عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.