بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز، عمر گل ۽ اسد شفيق کي اهم ذميواريون ملڻ جو امڪان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي بنگلاديش دوري لاءِ اڳوڻن ٽيسٽ ڪرڪيٽرن عمر گل ۽ اسد شفيق کي پاڪستان ٽيم مينيجمينٽ ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.
پاڪستان آخري ٽيسٽ سيريز گذريل سال ڏکڻ آفريقا خلاف کيڏي هئي پر هن سيريز ۾ ٽيم مينيجمينٽ ۾ تبديلين جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عمر گل کي بالنگ ڪوچ ۽ اسد شفيق کي بيٽنگ ڪوچ جون ذميواريون ڏيڻ جو امڪان آهي.
اڳوڻو ڪپتان سرفراز احمد ريڊ بال هيڊ ڪوچ طور ذميواريون شروع ڪندو.
واضح رهي ته پاڪستان کي ايندڙ مهيني ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ بنگلاديش جو دورو ڪرڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.