ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب جماعتِ اسلامي تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته شهر ۾ “ڪراچي کي حق ڏيو” جا بينر لڳائڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا، ۽ هو ان ڳالهه تي غور ڪري رهيو آهي ته جيڪي دڪاندار اهڙا بينر تيار ڪندا، انهن کي سيل ڪيو وڃي۔هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن اعلان ڪيو ته ڪي ايم سي جي ويجيلنس اسڪواڊ لاءِ 20 برقي موٽر سائيڪلون ڏنيون وينديون، ۽ شهر جي ڍانچي جي تحفظ ۽ سائي توانائي جي واڌ لاءِ اهم قدم کنيا ويندا۔ وارڊنز کي پروٽوڪول ڊيوٽي مان هٽائي ويجيلنس اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي، ۽ سندس چوڻ موجب هاڻي ڪو به وارڊن سندس گڏ نه هلندو، سڀ وسيلا شهر جي خدمت لاءِ استعمال ڪيا ويندا۔هن ٻڌايو ته ويجيلنس اسڪواڊ وال چاڪنگ، غيرقانوني پوسٽر ۽ بينر، گرل ڪٽڻ، اسٽريٽ لائٽس جي چوري ۽ شهر جي ڍانچي کي نقصان پهچائڻ وارن خلاف ڪارروائي ڪندو، جڏهن ته پلن هيٺ ۽ ٻين هنڌن تي نشو ڪندڙ ماڻهن خلاف به قدم کنيا ويندا۔هن چيو ته ترقياتي ڪم ته ڪي ايم سي ڪري ٿي، پر نقصان ٻيا پهچائين ٿا، تنهنڪري ويجيلنس اسڪواڊ قائم ڪيو ويو آهي۔ هن زور ڏنو ته اهي موٽر سائيڪلون پروٽوڪول لاءِ نه، پر شهر جي ملڪيت آهن ۽ عملي طرفان مختلف علائقن ۾ استعمال ٿينديون۔هن وڌيڪ چيو ته شهر کي آهستي آهستي سائي توانائي ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي، ڪي ايم سي جي عمارت اڳ ئي سولر تي منتقل ٿي چڪي آهي، جڏهن ته اسپتالن ۽ پمپنگ اسٽيشنن جي سولرائيزيشن جاري آهي، ۽ مستقبل ۾ ايندھن جي بچت لاءِ ٽرانسپورٽ کي به مرحليوار برقي گاڏين ڏانهن منتقل ڪيو ويندو۔ميئر ڪراچي دعويٰ ڪئي ته لياري ٽرانسفارميشن ۽ شاهراهه نورجهان جهڙا منصوبا ڪي ايم سي مڪمل ڪيا، پر ڪريڊٽ ٻيا وٺي رهيا آهن، ۽ هن جماعت اسلامي تي تنقيد ڪندي چيو ته اهڙي سياسي منافقت سان شهر جو ڪو به ڀلو نه ٿيندو۔آخر ۾ هن چيو ته ڪراچي جي بهتري لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ڇو ته سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي، پر شهر جي ترقي لاءِ گڏيل ڪردار ضروري آهي