سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ، تولو هڪ ڀيرو ٻيهر 5 لکن کان ٽپي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ مسلسل واڌ ڏٺي پئي وڃي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اربع ڏينهن 3500 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 5 لک 3 هزار 462 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 3001 رپيا واڌ سان 4 لک 31 هزار 637 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 35 ڊالر واڌ سان 4811 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.