ٽنڊو مستي ۾ هجوم آڏو ناري بيدريءَ سان قتل، وڊيو وائرل ٿيڻ تي پوليس حرڪت ۾ اچي وئي

ٽنڊو مستي (ويب ڊيسڪ) ٽنڊو مستي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻٽو چانڊيو ۾ هجوم آڏو ڪارنهن الزام هيٺ ناري جي قتل جو صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار نوٽيس وٺندي ايس ايس پي خيرپور کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
ضياءُ الحسن لنجار چيو ته اهڙا واقعا سنڌ جي پرامن روايتن جي خلاف آهن، قتل ۾ ملوث جوابدارن ۽ سهولتڪارن سان ڪا رعايت نه ڪئي وڃي.
واقعي جي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن ۾ ناريءَ کي فائرنگ ڪري بيدريءَ سان قتل ڪيو پيو وڃي.
هوڏانهن پوليس ڪارروائي ڪندي ٻن مک جوابدارن جي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.