بي ڏوهه ماڻهو ماريا پيا وڃن، جنگ خلاف آواز اٿاريندو رهندس: ٽرمپ جي بيان تي پوپ ليو جو ردعمل

ويٽيڪن سٽي (ويب ڊيسڪ) ڪيٿولڪ عيسائين جي مذهبي پيشوا پوپ ليو آمريڪي صدر جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته تنقيد باوجود جنگ خلاف آواز اٿاريندو رهندس.
پنهنجي بيان ۾ پوپ ليو چيو ته مان ڪنهن بحث ۾ نٿو پوڻ چاهيان پر جنگ خلاف واضح ڳالهائيندو رهندس، مسئلن جي منصفاڻي حل لاءِ امن، ڳالهين ۽ ملڪن ۾ گهڻ رخن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي.
هن چيو ته سڄي دنيا ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو تڪليف ۾ آهن ۽ بي ڏوهه ماريا پيا وڃن، تنهن ڪري ضروري اهو آهي ته ڪو اٿي چئي ته مسئلن جو بهتر حل به ممڪن آهي.
پوپ ليو ان عزم جو اظهار ڪيو ته عالمي سطح تي امن جي قيام ۽ تڪرارن جي حل لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.