ايران ۽ آمريڪا جا رنڊيل معاملا حل ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته انساني جانيون بچائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين.
وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شهباز شريف ڪابينا ميمبرن کي ايران – آمريڪا ڳالهين ۾ پاڪستان جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو.
وزيراعظم چيو ته ايران ۽ آمريڪا کي ڏهاڪن کانپوءِ آمهون سامهون ويهارڻ جو سهرو پاڪستان کي وڃي ٿو، ڳالهين ۾ اڳڀرائي لاءِ پراميد آهيون، ايران ۽ آمريڪا جا رنڊيل معاملا حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.
وفاقي ڪابينا ايران – آمريڪا ڳالهين لاءِ وزيراعظم جي ڪوششن کي ساراهيو، جڏهن ته نائب وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي ڪردار جي به واکاڻ ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.