ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا سونم باجوا هڪ جوڙي ۾ عليحدگي جو سبب بڻجي وئي.
ڀارتي ميديا موجب سونم باجوا هڪ دلچسپ قصو ٻڌايو ته ڪيئن ان جي ڪري هڪ ڇوڪريءَ کي پنهنجو مڱڻو ختم ڪرڻو پيو.
هڪ شو دوران ڳالهائيندي سونم باجوا چيو ته هڪ ڇوڪري مون وٽ آئي ۽ پڇيو ته تون سونم باجوا آهين؟ مان ها ڪئي ته هن چيو تنهنجي ڪري منهنجو مڱڻو ٽٽي ويو آهي.
اداڪارا موجب اهو ٻڌي مان حيران ٿي ويس، مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا چوان، پوءِ ان ڇوڪريءَ ٻڌايو ته منهنجو مڱيندو تنهنجو ديوانو هو، اهو چاهيندو هو ته مان به تو وانگر نظر اچان، جيڪو مون لاءِ برداشت ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو ۽ مان رشتو ختم ڪري ڇڏيو.
You might also like