شاداب خان پهريون ڀيرو گلوبل سپر ليگ ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندو

پاڪستاني آل رائونڊر شاداب خان کي گلوبل سپر ليگ 2026 لاءِ ڊيزرٽ وائپرز پنهنجي ٽيم ۾ شامل ڪري ورتو.
گلوبل سپر ليگ 23 جولاءِ کان پهرين آگسٽ تائين گيانا جي پروويڊنس اسٽيڊيم ۾ ٿيندي، جتي سڄي دنيا جا رانديگر ايڪشن ۾ نظر ايندا.
ڊيزرٽ وائپرز جي اسڪواڊ ۾ شاداب خان کانسواءِ ڊيرل مچل، ڪائل ميئرز ۽ اينڊريس گوس جهڙا رانديگر شامل آهن، جڏهن ته ٽيم جي قيادت ڪرس گرين ڪندو.
اها شاداب خان جي گلوبل سپر ليگ ۾ پهرين شرڪت هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.