اسلام آباد(ڊاڪٽر اڪمل سومرو)ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ 21 ڪلاڪن تائين ڳالهيون جاري رهيون پر ڪو به معاهدو نه ٿي سگهيو. 22 اپريل جي جنگبندي جي مدي ختم ٿيڻ کان پوءِ هاڻي سوال اهو آهي ته اڳتي ڇا ٿيندو؟ايران آمريڪي مطالبن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾ يورينيم جي افزودگي تان هٿ کڻڻ ۽ آبناءِ هرمز مان ٽول ٽيڪس نه وٺڻ شامل هو.چين طرفان ايران کي جديد دفاعي نظام فراهم ڪرڻ جون خبرون اچي رهيون آهن، جڏهن ته آمريڪا چين کي ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن ايران کي هٿيار ڏنا ويا ته سخت قدم کنيا ويندا.اسلام آباد ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ سڌي ڳالهين جا ٽي دور ٿيا، جيڪي لڳاتار 21 ڪلاڪن تائين هليا. آمريڪي نائب صدر جِي ڊي وينس ميڊيا سامهون اچي ٻڌايو ته ڪو به حتمي معاهدو نه ٿيو آهي.ايراني سرڪاري ٽي وي به ڳالهين جي ناڪامي جو اشارو ڏنو، ۽ چيو ته آمريڪا اهي شرط مڃائڻ چاهي ٿو جيڪي جنگ ذريعي به حاصل نه ڪري سگهيو.آمريڪا جو مطالبو هو ته ايران پنهنجو افزود ڪيل يورينيم حوالي ڪري ۽ آبناءِ هرمز کوليو وڃي، جتي ڪنهن به قسم جو ٽيڪس نه لڳايو وڃي. ايران انهن ٻنهي مطالبن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو.ايران جو موقف آهي ته هو پنهنجي قومي مفادن جو دفاع ڪندو، ڀلي ان لاءِ فوجي طريقو اختيار ڪرڻو پوي.جي ڊي وينس ميڊيا کي ٻڌايو ته آمريڪا جو مقصد اهو هو ته ايران کي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ کان روڪيو وڃي ۽ ان جي صلاحيت هميشه لاءِ ختم ڪئي وڃي.هن چيو ته ڳالهين دوران ڪيترن ئي اهم معاملن تي بحث ٿيو، پر نتيجو مثبت نه نڪتو.آمريڪا جو وفد بنا معاهدي واپس هليو ويو، جنهن کي ڪيترن ماهرن آمريڪا لاءِ سفارتي ناڪامي قرار ڏنو.جي ڊي وينس چيو ته ايران پنهنجي شرطن تي قائم رهيو ۽ آمريڪا جون ريڊ لائينون قبول نه ڪيون ويون.هن اهو به ٻڌايو ته ڳالهين دوران صدر ٽرمپ سان بار بار رابطو ڪيو ويو ۽ 12 کان وڌيڪ ڀيرا فون تي صلاح مشورا ٿيا.آمريڪي سيڪيورٽي ۽ دفاعي ادارا به مسلسل ان عمل ۾ شامل رهيا.ٻئي پاسي ايران به پنهنجي اعليٰ قيادت ۽ ماهرن سان گڏ ڳالهين ۾ شامل هو، جن جو تعداد 70 کان وڌيڪ هو.آمريڪا جو بنيادي مطالبو ايران جي ايٽمي پروگرام تي پابندي هو، جڏهن ته ايران ان کي پنهنجو حق سمجهي ٿو.جي ڊي وينس چيو ته ڪجهه معاملن تي اڳڀرائي ٿي آهي پر حتمي معاهدو ناهي ٿيو.ايران جي حڪومت چيو ته ڳالهين جو عمل ختم ناهي ٿيو ۽ رابطا جاري رهندا.ٻنهي ملڪن جون “ريڊ لائينز” هڪجهڙيون آهن، جنهن سبب معاهدو مشڪل نظر اچي ٿو.جي ڊي وينس “لچڪ” ۽ “سمجهوتي” جهڙا لفظ استعمال ڪيا، جيڪي عام طور تي اهڙن سخت سفارتي حالتن ۾ گهٽ استعمال ٿيندا آهن.ماهرن جو چوڻ آهي ته آمريڪا اندروني سياسي دٻاءُ ۾ آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽن تي به اثر پيو آهي.ايران تي دٻاءُ وڌائڻ جي ڪوشش باوجود هو پنهنجي موقف تان پوئتي نه هٽيووچ اوڀر.۾ تيل جي قيمتن ۾ واڌ ۽ عالمي مارڪيٽن ۾ بيچيني پيدا ٿي.ڪجهه رپورٽن موجب چين ايران کي جديد دفاعي نظام فراهم ڪري رهيو آهي، جنهن تي آمريڪا سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي.آمريڪي صدر ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن چين ايران کي هٿيار ڏنا ته ان جا سنگين نتيجا نڪرندا.ٻئي پاسي ڪينيڊا ۽ يورپي ملڪن جي پاليسين ۾ به تبديليون اچي رهيون آهن، ۽ آمريڪا تي انحصار گهٽ ڪيو پيو وڃي.ايران اندر سيڪيورٽي ادارن 50 ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي، جن تي الزام آهي ته اهي غير ملڪي طاقت لاءِ ڪم ڪري رهيا هئا.پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ واپاري رستا ٻيهر فعال ٿيا آهن، ۽ گوادر کان وچ ايشيا تائين سامان جي ترسيل شروع ٿي وئي آهي.چين، تائيوان ۽ ڪوريا جي علائقن ۾ به سياسي تبديليون اچي رهيون آهن، جن سان آمريڪي اثر گهٽجڻ جا امڪان ظاهر ٿي رهيا آهن.ڪجهه ملڪن فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ شروع ڪيو آهي.ماهرن جو چوڻ آهي ته عالمي نظام آهستي آهستي تبديل ٿي رهيو آهي، ۽ ملڪ هاڻي برابري جي بنياد تي پاليسيون اختيار ڪري رهيا آهن.