ناليواري گلوڪارا قرت العين بلوچ شادي جي حوالي سان ڏنل تازي بيان کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر خبرن ۾ اچي وئي آهي.
قرت العين بلوچ تازو هڪ يوٽيوب چينل تي پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن شادي جي حوالي سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.
گلوڪارا چيو ته منهنجي خيال ۾ شادي وقت جو زيان آهي.
هن چيو ته هڪ تحقيق موجب شادي مردن لاءِ وڌيڪ فائديمند هوندي آهي، جڏهن ته عورتون گهٽ خوش رهنديون آهن ۽ مان ان ڳالهه سان اتفاق ڪيان ٿي.
قرت العين جي ان بيان تي سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو، ڪجهه واهپيدارن گلوڪارا جي ڳالهه سان اتفاق ڪيو، جڏهن ته اڪثريت سندس موقف کي غلط قرار ڏنو.
You might also like