کوڙ اختلاف پر هن موقعي تي حڪومت سان گڏ آهيون، پاڪستان زنده آباد: محمود اچڪزئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته ڪو چريو ئي هوندو جيڪو هن ڪاميابي تي خوش نه ٿئي، اسان حڪومت سان گڏ آهيون، پاڪستان زنده آباد، پاڪ فوج زنده آباد.
قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي محمود خان اچڪزئي چيو ته سڀني وڏن کي گڏ ويهڻ گهرجي، اسان جا اختلاف گهڻا آهن پر هنن حالتن ۾ اسان پاڪستان سان گڏ آهيون، اسان خير ۽ تقويٰ طور حڪومت جي غير مشروط حمايت ڪيون ٿا، اسان ايترا جاهل ناهيون، اسان سهڪار ڪنداسين.
هن چيو ته هن وقت ٽرمپ جي انا جو مسئلو آهي، سندس خيال هو ته ايران سرينڊر ڪري ويندو، پاڪستان دنيا جي نعمتن سان ڀريل آهي، پوءِ اسان ڇو پنندا آهيون، هي موقعو آسمان تان آيو آهي، ان کي نه وڃائڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته عمران خان هن ملڪ جو رهاڪو آهي، اسان سان ڳالهايو وڃي، پي ٽي آءِ باني کي جيل ۾ وجهڻ ڏوهه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.