ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا زرين خان جي ماءُ پروين خان ڊگهي علالت بعد ممبئي ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.
ڀارتي ميڊيا موجب گهر ڀاتين لاڏاڻي جي تصديق ڪندي چيو ته جنازي نماز اڄ ورسوا ممبئي ۾ ادا ڪئي ويندي.
زرين خان پنهنجي ماءُ جي طبعيت بابت مداحن کي باقاعدگي سان آگاهه ڪندي رهندي هئي ۽ هن فيبروري ۾ ٻڌايو هو ته سندس ماءُ کي ٻيهر اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
اداڪارا پنهنجي مداحن کي ماءُ جي صحتيابي لاءِ دعا جي درخواست به ڪئي هئي.
You might also like