بوزدار وڏا ۾ جعلي پير جِن ڪڍڻ بهاني نينگري کي تشدد ڪري ماري ڇڏيو

بوزدار وڏا (ويب ڊيسڪ) بوزدار وڏا ۾ جعلي پير جي وحشياڻي تشدد ۾ 16 ورهين جي نينگري فوت ٿي وئي.
بوزدار وڏا ٿاڻي جي حد ڳوٺ حسن علي مهراڻي ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي 16 ورهين جي نينگري فريده گوپانگ جعلي پير جي مبينا تشدد ۾ فوت ٿي وئي.
فوتي نينگري جي پيءُ امام بخش دانهيندي چيو ته نياڻي کي بخار هو پر علاج لاءِ ڊاڪٽر ڏانهن وڃڻ بدران کيس هڪ پير ڏانهن موڪليو ويو.
وارثن الزام هنيو ته جعلي پير جن ڪڍڻ بهاني نينگري تي بدترين تشدد ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هن دم ڏئي ڇڏيو.
اطلاع تي پوليس پهچي نينگري جو لاش تحويل ۾ ورتو ۽ واقعي بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي.
پوليس جو چوڻ آهي ته جعلي پير جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جلد کيس گرفتار ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.