ٽرمپ جا ڏهڪائيندڙ انڪشاف: هاڻ ٺاپر ٿيڻ گهرجي

تحرير: غلام حسين لغاري

ايران جي خوف ۾ ورتل آمريڪا جي صدر ٽرمپ جو هڪ ڏهڪائيندڙ بيان سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن چوڻ آهي ته آمريڪا ايران ۾ ڏڦيڙ پئدا ڪرڻ ۽ گهرو ويڙه لاءِ پنهنجا هٿياربند فوجي ايران موڪليا هئا جن جو ڪو به پتو ناهي هٿيارن سميت گم آهن۔ٽرمپ جي اهڙي بيان آمريڪا جون نيتون ظاهر ڪري ڇڏيون آهن ۽ هاڻ پڪ ٿي وئي آهي ته ايران اسرئيل ۽ آمريڪا جي جنگ کان اڳ ايران ۾ حڪومت مخالف ريليون ان قسم جو حصو هيون جنهن جو مقصد رجيم چئنج هو جنهن ۾ ناڪامي بعد آمريڪا اسرائيل کي اڳيان آڻي ايران تي اوچتا حملا ڪري جنگ ڇيڙي ڇڏي جنهن ۾ ايران جي مک سولين ۽ عڪسري قيادت کي ميدان تان هٽائي ته ڇڏيو پر انجا نتيجا آمريڪا ۽ اسرائيل کي ايران جي سخت مزاحمت سان ڀوڳڻا پيا ۽ پئجي رهيا آهن ۽ ٺاهه لاءِ آتا آهن۔

ٽرمپ جي ڳالهين ۽ انڪشافن مان لڳي ٿو دنيا جي جن به ملڪن ۾ ماضي ۾ رجيم چئنج لاءِ ڏڦير پئدا ٿيندا رهيا آهن انهن ۾ آمريڪا جو هٿ ۽ انجا جا موڪليل هٿرادو ماڻهو شامل رهيا آهن پر گهڻو ڪري اهي انهن ملڪن جا ئي هٿ ٺوڪيا مقامي خريد ڪيل ماڻهو ئي هوندا آهن ته جيئن ڪنهن کي به ڪو شڪ نه ٿئي ته ان ۾ آمريڪا جو هٿ آهي۔آمريڪا دنيا جو چالاڪ شطرنج جي راند جيان کيڏاڙي ملڪ آهي جيڪو پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا جي مخالف ملڪن خلاف جيڪي سندس حڪم ناهن مڃيندا يا وري شڪ هوندو اٿن ته اهي مخالف طاقتور ملڪن ڏانهن جهڪاء رکن ٿا انهن ملڪن ۾ گهرو ويڙهه ڪرائي يا حڪومت مخالف مظاهرا ڪرايا ويندا آهن جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو آهي جتي جتي غير جهموري ۽ ڪمزور حڪومتون هونديون آهي اتي رجيم چئنج وسيلي پنهنجا مقصد حاصل ڪندو آهي۔دنيا جا مسلمان ۽ عرب ملڪ ته آمريڪا کي آسان لڳندا آهن جيڪي بظاهر ته خوشحال ۽ مستحڪم هوندا آهن پر جنگي ويڙهه ڪرڻ جهڙا ناهن هوندا۔اهوئي سبب آهي جو آمريڪا سعودي عرب سميت عرب ۽ خليجي ملڪن کي بلئڪ ميل ڪري کين ڪمزور هجڻ جو احساس ڏياري سندن تيل ۽ پئسا وٺي مسلمان ملڪن تي پنهنجو زور زبر ڏيکاريندو آهي۔نتيجو اهو نڪرندو آهي جو دنيا جا اسلامي ملڪ پنهنجو بلاڪ ڇڏي وڃي آمريڪي بلاڪن جا ڳيجهو ٿيندا آهن جيئن هن وقت به آهن۔  آمريڪا پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ سدائين اسرائيل کي اڳيان ڪيو آهي جنهن وسيلي هن خطي ۾ سدائين جنگي ماحول پئدا ڪيو آهي ۔آمريڪا خطي ۾ اسلامي بلاڪن جو سخت مخالف جڏهن ته گريٽر اسرائيل جو حامي آهي اهوئي سبب آهي جو اسرائيل فلسطينن ۽ غزا جي مسلمانن جي نسل ڪشي ڪندو رهيو آهي ۽ ڪندو پيو اچي۔مسلمان ملڪن جا ائٽمي منصوبا رڳو بهانو آهي ڪڏهن به ڪنهن اسلامي ملڪ مان ائٽمي هٿيار يا پلانٽ هٿ نه آيا آهن جن جو بهانو بڻائي آمريڪا جنگون جوٽيون آهن مسلمان ملڪن ۾ قتل عام ڪيو بيگناهه ماڻهن ۽ حڪمرانن جو خون وهايو آهي۔جيڪڏهن رڳو اسلامي ملڪن جو جائزو وٺبو ته آمريڪا اردن لبنان شام عراق لبيا جو ڪهڙو نه حشر ڪري چڪو آهي جن جا سربراهه قتل ڪيا اتي پنهنجي مقصد واريون حڪومتون آڻي استحصال ڪيو جمهوريت جي نالي ۾ جمهوريت جو ستياناس ڪيو بظاهر ته اتي سولين حڪمران آهن پر تسلط آمريڪي آمريت جو آهي۔ويجهڙائي ۾ عراقي صدر صدام حسين لبيا جي ڪرنل قذافي ۽ شام جي صدر خلاف بغاوتون گهرو ويڙهون رجيم چئنج ڪنهن کان به لڪيل ناهي۔آمريڪا اندروني پاڪستان کي به ناهي بخشيو پاڪستان کي ٻه اڌ ڪرڻ ۽ انجي پهرين چونڊيل عوامي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي تختدار تي آڻڻ سميت جڏهن به سندس دل چوندي آهي ته پنهنجي پسند جا حڪمران آڻيندو آهي جمهوريت هاڻ آمريڪا جو هڪ نعرو بڻيل آهي۔

تيل پئدا ڪندڙ عرب ۽ خليجي ملڪن کي هيسائڻ ۽ دٻائڻ آمريڪا جو هاڻ هڪ حربو بڻجي چڪو آهي۔آمريڪا پاڻ نه ڳالهائيندو آهي اسرائيل کان بيان ڏياريندو آهي۔اسرائيل جي وزيراعظم جا پاڪستان مخالف بيان به سامهون آهن پر پاڪستان پنهنجي طاقت رکي ٿو مڪمل طور ائٽمي ملڪ آهي ۽ انجي عڪسري قيادت مضبوط آهي جو ان کي ڪو ڊيڄاري يا بلئڪ ميل ڪري سگهي آمريڪا به سمجهي ٿو۔پاڪستان ڪو ايران عراق لبيا لبنان ناهي آمريڪا يا اسرائيل ان کي خوف ۾ وجهي سگهن۔آمريڪا ايران سان جنگ ڇيڙي ڦاسجي پيو آهي اسرائيلي طاقت به ظاهر ٿي پئي آهي جو هڪ اڪليو ملڪ جنهن کي پنهنجي مسلمان ملڪن جو به ساٿ نه هجي آمريڪا جون رڙيون ڪڍرائي ڇڏيون اٿس جو آمريڪا هاڻ صلح ۽ جنگبندي جا گس پيو ڳولهي۔آمريڪا صلح ۽ جنگبندي لاءِ جيڪي به پندرهن شرط رکيا آهن ايران اهي رد ڪري چڪو آهي۔ايران وٽ ڪا ته طاقت آهي جو اهو جنگبندي جي ڳالهه ئي نٿو ڪري اها طاقت اتان جي عوام آهي جيڪا متحد آهي پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي قيادت سان وفادار آهي۔ٽرمپ جو اهو بيان ته ته هن جا هٿيار بند ماڻهو هٿيارن سميت ايران ۾ گم آهن آمريڪا ۽ ٽرمپ جي ناڪامي جو ثبوت آهي۔پاڪستان ۽ پاڪستان جي حڪومت توڙي انجي عڪسري قيادت ٽياڪڙي ڪري رهيا آهن پر ٽرمپ جو ضد به پنهنجي جاءَ تي آهي جيڪو خود پنهنجي عوام هٿان سخت تنقيد ۽ پئدا ٿيل مظاهرن جو شڪار ۽ انهن جي زد ۾ اچي چڪو آهي جو اتي مسلسل آمريڪي فوجين جو ميتون پهچن ٿيون ۽ آمريڪي جنگي جهاز تباهه ٿي چڪا آهن۔بهرحال هاڻ گهڻو ڪجهه ٿي چڪو آهي وڌيڪ خونريزي نه ٿيڻ گهرجي امن ۽ صلح طرف وڃڻ گهرجي جنهن لاءِ ٻنهي ڌرين کي ٺاپر کان ڪم وٺڻ گهرجي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.