فخر زمان جو ٽي ٽوئنٽي تان رٽائرمينٽ بابت وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپننگ بيٽر فخر زمان ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل تان رٽائرمينٽ جي خبرن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
هڪ بيان ۾ فخر زمان جو چوڻ هو ته هن ورلڊ ڪپ کانپوءِ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو فيصلو ڪيو هو، پر هاڻ رٽائرمينٽ جو ڪو به ارادو ناهي.
فخر زمان جو چوڻ هو ته ”مان ٽي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ سٺي انداز ۾ ختم ڪرڻ چاهيان ٿو.“
واضح رهي ته 35 ورهين جي فخر زمان 120 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن ۾ پاڪستاني جي نمائندگي ڪندي 132.51 جي شاندار اسٽرائڪ ريٽ سان 2 هزار 494 رنسون ٺاهيون آهن، جنهن ۾ 14 ففٽيون پڻ شامل آهن.
ان کانسواءِ هن پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) ۾ لاهور قلندرز جي نمائندگي ڪندي به شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري آهي ۽ هو مسلسل 11 هين سيزن ۾ ٽيم جو حصو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.