ڪراچي)ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ايڪسائيز کاتي جي ويب سائيٽ تان رجسٽرڊ موٽرسائيڪل مالڪ 2 هزار رپين جي سبسڊي لاءِ اپلاءِ ڪري سگهن ٿا.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مراد علي شاهه چيو ته 2 هزار رپين جي پيٽرول سبسڊي رڳو رجسٽرڊ موٽرسائيڪل مالڪن کي ملندي، موٽرسائيڪل سوارن کي سبسڊي ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي جي ويب سائيٽ تي رجسٽريشن چيڪ ڪري سگهجي ٿي.
هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنهن موٽرسائيڪل کي پنهنجي نالي ڪرائڻو آهي ته ان جي فيس ختم ڪئي وئي آهي، ايڪسائيز کاتي جون آفيسون صبح کان رات تائين کليل رهنديون، ڇنڇر ۽ آچر جي ڏينهن به موٽرسائيڪل پنهنجي نالي ڪرائي سگهجي ٿي.
هن چيو ته موٽرسائيڪل سوارن کي پاڻمرادي نظام تحت بئنڪ اڪائونٽ ۾ فيول سبسڊي جي رقم ملندي، پر ان لاءِ ضروري آهي ته موٽرسائيڪل پنهنجي نالي تي هجي ۽ بئنڪ اڪائونٽ به اوهان جي ئي نالي تي هجي.
مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ 6.7 ملين رجسٽرڊ موٽرسائيڪلون آهن، اپريل ۾ 2 هزار رپيا سبسڊي ڏني ويندي، جيڪڏهن اوهان جي نالي تي هڪ کان وڌيڪ موٽرسائيڪلون آهن ته رڳو هڪ تي سبسڊي ملندي.
سندس چوڻ هو ته ايڪسائيز کاتي جي ويب سائيٽ تي اوهان پنهنجو قومي سڃاڻپ ڪارڊ نمبر ۽ رجسٽريشن نمبر وجهندا، جيڪڏهن گاڏي اوهان جي نالي تي رجسٽرڊ هوندي ته اوهان جي موبائل تي هڪ ڪوڊ ايندو، تفصيل داخل ڪرڻ کانپوءِ اوهان کي پنهنجو بئنڪ اڪائونٽ نمبر ڏيڻو پوندو، سبسڊي جي رقم سڌي ريت بئنڪ اڪائونٽ ۾ ويندي.
ٽرانسپورٽرن طرفان ڀاڙا وڌائڻ بابت سوال تي مراد علي شاهه چيو ته اسان تمام ٽرانسپورٽرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ انهن ڀاڙا نه وڌائڻ جي تصديق ڪئي آهي، جيڪڏهن ڀاڙو وڌيڪ ورتو پيو وڃي ته اهو ڏوهه آهي، انهن خلاف ايڪشن ورتو ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته اسان ٽرانسپورٽرن کي پئسا ڏيڻ بدران سڌي ريت عوام تائين پهچي رهيا آهيون، سڀني کي سبسڊي ڏيڻ بجاءِ سڌو سنئون ضرورت مندن تائين پهچڻ گهرجي.