ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ صبح ۽ شام جي وقتن ۾ گيس بندش جو شيڊيول لاڳو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب شهر جي مختلف علائقن ۾ صبح 10 کان 12 وڳي تائين گيس بند ڪرڻ جو شيڊيول لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ ڏينهن جو 3 کان 6 وڳي تائين به گيس بند رهندي.
سوئي سدرن ذريعن جو چوڻ آهي ته رات جو گيس 10 وڳي کان صبح ساڍي 5 وڳي تائين بند هوندي.
ٻئي پاسي شهر جي مختلف علائقن ۾ سوئي گيس جي لوڊشيڊنگ جاري آهي، ايف بي ايريا ۽ نارٿ ناظم آباد جي مختلف بلاڪن ۾ گيس جي فراهمي معطل رهي، جنهن ڪري صبح جي وقت واهپيدارن کي پريشانيءَ جو منهن ڏسڻو پيو.
ان کانسواءِ ملير، کوکرا پار، لانڍي، اورنگي ٽائون ۽ نارٿ ڪراچي ۾ گيس جي فراهمي معطل رهي، جڏهن ته گلشن اقبال، ناظم آباد، گارڊن ۽ لياقت آباد ۾ به گيس جي لوڊشيڊنگ جاري رهي.
You might also like