ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن ئي سون سوين رپيا مهانگو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن سون جي اگهه ۾ سوين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ ملڪ ۾ في تولو سون 1100 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 4 لک 91 هزار 462 رپين جو ٿي ويو.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 943 رپيا واڌ کانپوءِ 4 لک 21 هزار 349 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 11 ڊالر اضافي سان 4687 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.