اسلام آباد/تهران/واشنگٽن/تل ابيب (ويب ڊيسڪ) ايران آمريڪا طرفان تجويز ڪيل 15 نڪاتي جنگ بندي منصوبي کي ”غير منطقي“ قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو آهي، ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي تهران ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڌمڪين ۽ دٻاءُ هيٺ ڪا به ڳالهه ٻولهه ممڪن ناهي، ايران پنهنجي پوري سگهه سان دفاع ڪندو.
آمريڪا جي ”غير منطقي“ 15 نڪاتي منصوبي کي رد ڪريون ٿا: ايران
ايران چيو آهي ته ڌمڪين سان گڏ ڳاليهون ممڪن ناهن، آمريڪا جي ”غير منطقي“ 15 نڪاتي منصوبي کي رد ڪريون ٿا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، سومر تي تهران ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي ٽياڪڙن ذريعي پهچايل آمريڪي 15 نڪاتي جنگ بندي منصوبي کي ”غير منطقي“ ۽ قبول نه ڪرڻ جوڳو قرار ڏنو.
هن چيو ته ايران ضرورت پوڻ تي پنهنجي پوري سگهه سان پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪندو.
هن آمريڪا ۽ اسرائيل تي الزام لڳايو ته انهن لاءِ ڪا به ريڊ لائن ناهي ۽ هو عالمي قانونن جي پرواهه نٿا ڪن.
هن وڌيڪ چيو ته ڌمڪين جي پاڇي ۾ ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن، ايران جي قومي سلامتي ۽ قومي مفاد ئي ڪنهن به معاهدي جو بنيادي معيار هوندا.
ايران جنگ بندي جي تجويزن تي پنهنجو ردعمل تيار ڪري ڇڏيو: ترجمان
ايراني پرڏيهي کاتي جي ترجمان اسماعيل بقائي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايران جنگ بندي جي تجويزن تي پنهنجو ردعمل تيار ڪري ڇڏيو آهي، اسان پنهنجا جواب تيار ڪري ڇڏيا آهن ۽ مقرر وقت تي تفصيل جو اعلان ڪنداسين.
ترجمان چيو ته قومي مفادن جي بنياد تي پنهنجا مطالبا ٽياڪڙ چينلن ذريعي پهچايا ويا آهن، ايران پنهنجا جائز مطالبا واضح نموني بيان ڪرڻ ۾ ڪا به هٻڪ محسوس نٿو ڪري، جائز مطالبا بيان ڪرڻ کي سوديبازي جي نشاني نه سمجهڻ گهرجي، ڳالهين، الٽيميٽم ۽ جنگي ڏوهن وارين ڌمڪين سان مطابقت نٿيون رکن.
پاڪستان جو جنگ بندي بابت تجويز ڪيل فريم ورڪ تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار
پاڪستاني اختيارين ايران خلاف جاري آمريڪي ۽ اسرائيلي جنگ جي خاتمي لاءِ تجويز ڪيل فريم ورڪ تي ڪنهن به قسم جي تبصري کان پاسو ڪيو آهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان طاهر حسن انداربي الجزيرا سان ڳالهائيندي ايران خلاف جاري آمريڪي ۽ اسرائيلي جنگ جي خاتمي لاءِ ڪنهن به تجويز ڪيل فريم ورڪ جي تصديق يا ترديد ڪرڻ کان انڪار ڪيو.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته 45 ڏينهن جي جنگ بندي واري آڇ يا 15 نڪاتي مٽاسٽا بابت ڪيئي رپورٽون سامهون آيون آهن، پر اسان انفرادي ۽ مخصوص معاملن تي تبصرو ناهيو ڪندا، اسان جو واضح موقف آهي ته امن جو عمل جاري آهي.
سينيئر ايراني عهديدار طرفان پاڪستان جي فوري جنگ بندي تجويز وصول ٿيڻ جي تصديق
برطانوي خابرو اداري روئٽرز موجب، سينيئر ايراني عهديدار تصديق ڪئي آهي ته ايران کي پاڪستان طرفان فوري جنگ بندي جي تجويز ملي آهي ۽ ان آڇ جو غور سان جائزو ورتو پيو وڃي.
سينيئر ايراني عهديدار چيو ته اسان کي لڳي ٿو ته واشنگٽن مستقل جنگ بندي لاءِ سنجيدا نظر نه پيو اچي، تهران عارضي جنگ بندي جي بدلي آبناءِ هرمز نه کوليندو.
ايراني عهديدار چيو ته تهران دٻاءَ هيٺ اچي ڪائي به ڊيڊ لائن کي قبول ڪرڻ ۽ فوري فيصلو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
ايران-آمريڪا جنگ بندي تجويز کي ”اسلام آباد معاهدو“ جو نالو ڏنو پيو وڃي: روئٽرز
برطانوي خابرو اداري روئٽرز جنگ بندي تجويز سان واقف ذريعن جي حوالي سان ڄاڻايو آهي ته پاڪستان طرفان شيئر ڪيل جنگ بندي فريم ورڪ ٻن مرحلن تي ٻڌل آهي، پهرئين مرحلي ۾ فوري جنگ بندي ۽ پوءِ گڏيل معاهدو شامل آهي.
رپورٽ موجب، ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگ بندي تجويز کي ”اسلام آباد معاهدو“ سڏيو پيو وڃي، جنهن تحت شروعاتي طور آبناءِ هرمز کي فوري کوليو ويندو، پوءِ 15 کان 20 ڏينهن اندر گڏيل فريم ورڪ تيار ڪيو ويندو، اسلام آباد معاهدي تي اڄ اتفاق راءِ جو امڪان آهي.
پاسداران انقلاب انٽيليجنس آرگنائيزيشن جو سربراهه ماجد خادمي شهيد
ايراني پاسداران انقلاب گارڊز جي انٽيليجنس آرگنائيزيشن جو سربراهه ماجد خادمي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿي ويو.
پاسداران انقلاب تصديق ڪئي آهي ته ميجر جنرل ماجد خادمي اڄ صبح حملي ۾ شهيد ٿيو.
ايراني ايئر ڊفينس سسٽم آمريڪي ڊرون ڪِيرائي ڇڏيو
ايراني پاسداران انقلاب جي ترجمان چيو آهي ته ايراني ايئر ڊفنيس سسٽم گذريل شام خارگ ٻيٽ ڀرسان آمريڪي لوڪس ڊرون ڪِيرائي ڇڏيو، ڊرون کي زمين کان فضا ۾ مار ڪندڙ ميزائل ذريعي نشانو بڻايو ويو، جنگ دوران دشمن جي ڪيرايل ڊرونز جو انگ 163 ٿي ويو آهي.
عراقي ويڙهاڪن آمريڪي اڏن تي حملن جو دائرو وڌائي ڇڏيو
عراقي ويڙهاڪن خطي ۾ آمريڪي اڏن تي حملن جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي.
ايراني ميڊيا موجب، عراقي ويڙهاڪ طرفان ڪويت، اردن ۽ شام ۾ آمريڪي اڏن کي نشانو بڻايو پيو وڃي.
ڪتائب حزب الله عراق جي سيڪريٽري جنرل ابو حسين الحميداوي جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي سڀني لاءِ هوندي يا ڪنهن لاءِ به نه هوندي، جيڪڏهن آبناءِ هرمز کي طاقت ذريعي کولڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته تيل ۽ گئس ناپيد ٿي ويندي.
هن چيو ته آيت الله خامنه اي جي شهادت تي معافي ممڪن ناهي.
تهران تي حملن ۾ 6 ٻار شهيد
ايراني خابرو اداري موجب، تهران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ 6 ٻار شهيد ٿي ويا آهن.
ٻئي پاسي اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته مرڪزي اسرائيل ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 هنڌن کي ايراني حملن ۾ نقصان پهتو آهي.