دستاويز اسڪيننگ جو جديد سسٽم، نالو ۽ پاسپورٽ تفصيل هاڻي پاڻمرادو فارم جو حصو بڻجي ويندا

اسلام آباد)ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) پاڪ آءِ ڊي موبائل ايپ جو نئون ۽ اپڊيٽ ٿيل ورزن متعارف ڪرايو آهي، جنهن ذريعي ويزا درخواست ۽ بايوميٽرڪ تصديق جو عمل وڌيڪ سولو بڻجي ويو آهي.
نادرا موجب، نئين ورزن ۾ دنيا جي 193 ملڪن جا شهري سڀني ويزا ڪيٽيگريز لاءِ درخواست ڏئي سگهن ٿا.
هاڻي درخواست ڏيندڙ کي نالو، پاسپورٽ نمبر ۽ ايڪسپائري تاريخ هٿ سان داخل ڪرڻي نه پوندي، ڇو ته تصوير اپلوڊ ڪرڻ سان سسٽم پاڻمرادو معلومات اسڪين ڪري فارم ۾ شامل ڪندو.
ايپ ۾ بايوميٽرڪ تصديق لاءِ الڳ سيڪشن شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ذريعي خانداني تصديق، گاڏي منتقلي، وراثت، پاسپورٽ، هٿيارن جي لائسنس ۽ پنشنرز لاءِ ”پروف آف لائف“ جهڙيون سهولتون گهر ويٺي حاصل ڪري سگهجن ٿيون.
ترجمان موجب، چهري ۽ آڱرين جي نشانن جي تصديق جو عمل به وڌيڪ تيز ۽ آسان بڻايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.