لاهور(بيور)هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرپرسن نسيم اظهر چيو آهي ته اسلام آباد کي صرف اميرن لاءِ ٺاهيو ويو هو، ۽ هاڻي اهو ئي ثابت ڪيو پيو وڃي۔ هن چيو ته 15 سالن کان ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي کي چيو پيو وڃي ته غريبن کي نه ڪڍو،سعيد پور ڳوٺ صدين کان قائم آهي ۽ هاڻي ان کي ڊاهيو پيو وڃي۔هيومن رائٽس ڪميشن ۽ سول سوسائٽي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسلام آباد ۾ ڪچيون آباديون “حددخلين” جي نالي تي ڊاهيون پيون وڃن۔ هنن ياد ڏياريو ته سپريم ڪورٽ 2015 ۾ E-11 علائقي ۾ ڪچي آبادي ڊاهڻ بابت پاليسي ٺاهڻ جو حڪم ڏنو هو، پر سي ڊي اي هن حڪم باوجود ڪا پاليسي نه ٺاهي۔عمار رشيد چيو ته سمورن صوبن ۾ ڪچي آبادين لاءِ اٿارٽيز قائم آهن، پر سي ڊي اي اهو واحد ادارو آهي جيڪو ڪچي آبادين کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي۔عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ فرزانه باري چيوته اسلام آباد ۾ ڪچين آبادين جي رهواسين لاءِ ڪنهن به حڪومت ڪا مناسب منصوبابندي ناهي ڪئي۔شعيب سڊل چيو ته هن معاملي تي قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ته جيئن سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي عملدرآمد يقيني بڻائي سگهجي۔