سنڌ جي بدترين صورتحال ۽ ان جا ذميوار

اياز لطيف دايو

سنڌ جي صورتحال هن وقت جيتري ڳڻتي جوڳي ٿي چڪي آهي، ان کان اڳ شايد ئي ٿي هجي، سنڌ کي ورهاڱي وقت سنڌ جي هندو ڀائرن جي جيڪا لکن جي تعداد ۾ لڏپلاڻ ٿي انهيءَ سان نه صرف معاشي حوالي سان سخت نقصان پهتو، سنڌ ڪيئي صديون پوئتي هلي وئي، ادبي حوالي سان ٻولي، تهذيب، تاريخ ۽ ثقافت جي حوالي سان اهڙو نقصان پهتو جنهن جو ازالو مني صدي گذرڻ جي باوجود نه ٿي سگهيو آهي، ورهاڱي جي نتيجي ۾ جيڪي پناهگيرن جا ڪٽڪ اسان وٽ پهتا، انهيءَ سان اسان پنهنجي وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ نوابشاهه سميت ٻين شهرن جي تاريخي، تهذيبي ۽ سنڌي آبادي واري موجودگي کان محروم ٿيا سين.

ورهاڱي وقت ڪراچي جي ساڍا چار لک آبادي ۾ 63 سيڪڙو آبادي سنڌين جي اڪثريت هئي، جن ۾ سڀني کان وڌيڪ هندو آبادي کي انهيءَ وقت جي وزير اعظم لياقت علي خان ۽ پناهگير بيوروڪريسي جي سازش سان رتوڇاڻ ڪري کين پنهنجا گهر، ڪاروبار ۽ پنهنجي جنمن جي اباڻي ڌرتي کي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، موهن ڪلپنا، ڪلياڻ آڏواڻي، پوپٽي هيراننداڻي سميت سوين سنڌي اديبن، شاعرن ۽ ڀٽائي جي عاشقن جي اکين ۾ صدين جي تاريخ ۽ تهذيب سان وڇوڙي جو درد ڇلڪي رهيو هو، اهو سلسلو ورهاڱي کانپوءِ به رڪجي نه سگهيو آهي، سنڌي هندن کي مذهبي انتها پسندي، ڀوتارڪي ذهنيت ۽ تعصب پرستي واري عينڪ سان ڏٺو وڃي ٿو، جنهن ڪري هزارن جي انگ ۾ لڏپلاڻ ٿيندي رهي آهي، انهن جي ڪاروبار کي نقصان پهچائڻ جا سڀ حربا استعمال ڪيا ويندا آهن، جبري طور مذهب تبديل ڪرڻ واري عمل کي رياستي ادارن ، مذهبي پارٽين ۽ مفاد پرست ٽولن طرفان پڻ مڪمل پٺڀرائي ڪئي ويندي آهي، سنڌ جي ساڃهه وندن، سنڌ دوست سياسي ڌرين جي طرفان به صرف دشمنن خلاف ڌرتي کي ٽامون ڪرڻ وارا روايتي جملا رٽيل هوندا آهن ، ڪنهن ڌر وٽ ڪا منظم حڪمت عملي ناهي، انگ اکر ناهن، هر شهر ۾ صرف چند ماڻهو آهن جيڪي سياسي پارٽين جي وجود کي آڪسيجن ڏيئي رهيا آهن، ٻه وڏا الميا آهن ، هڪ ته سياسي پارٽيون تمام وڏي ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهن.

ٻيو وڏو الميو اهو آهي ته سڀ پيسي جي ڪڍ آهن ته جيئن پنهنجي زندگي جي معيار کي رات جي پيٽ ۾ تبديل ڪري سگهن، جنهن ڪري هن وقت تائين ڪا وڏي تبديلي نه اچي سگهي آهي، ون يونٽ خلاف جهڙي ڪا تحريڪ جنم وٺي نه سگهي آهي.

پيپلز پارٽي شروع کان وٺي سلوگن پارٽي آهي، جيڪي سنڌ سان عشق جا نعرا ائين هڻندا آهن جو انهن سان چڱو ڀلو قوم پرست اڳواڻ به نه پهچي سگهي، سنڌ جي جاگيرداري باقيات کي مشرف کانپوءِ پي پي جنهن نموني مالي، سياسي ۽ داداگيري جي بنياد تي مضبوط ڪيو آهي، انھي جو مثال پاڪستان جي تاريخ ۾ نٿو ملي، جيڪڏهن ايم ڪيو ايم سان اتحاد هوندو ته اهي مرشد آهن جيڪڏهن انهن کي اسٽيبلشمينٽ ڪم ڪڍي ٽشو وانگر ٿورو پرڀري ڪري بيهاريندي آهي ته هي وري انهن سان رويي ۾ ائين محسوس ڪرائيندا آهن ته سنڌ جي خلاف ايم ڪيو ايم جي موقف ۾ هو ڍال بڻيل آهن.

انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته پي پي گذريل ارڙهن سالن کان بدترين نام نهاد مفاهمت جي بنياد تي سنڌ کي ايترو نقصان ڏنو آهي، جنهن جو ازالو سئو سالن تائين ٿي نه سگهندو، بلڪه هاڻي انهيءَ تباهي واري عمل ۾ سنڌ جا قوم پرست، اديب، ليکڪ، دانشور، فلاسافر ۽ اين جي اوز به انهن جون اسٽيڪ هولڊر آهن، اها تمام وڏي تباهي آهي، جنهن ۾ سنڌ جي شعور جي ڦوڪڻي مان هوا ڪڍي انهن کي لگزري گاڏين لگزري بنگلن ۽ يورپي ملڪن ۾ سڪونت جا موقعا ڏنا ويا آهن، جن ماڻهن وٽ ايف ايڪس گاڏي جي وصيت نه هئي انهن کي ڪروڙين روپيا ملي وڃن ته اهي سنڌ جي شعور جي ڪهڙي اڳواڻي ڪندا، اهي سنڌ جي اٻوجهه بيوس ڪارڪنن جي خلوص ۽ ڪمٽمينٽ جو ناجائز فائدو وٺي انهن ڪارڪنن جي پرخلوص سلوگنس ۽ انقلابي جدوجهد کي وڪرو ڪري رهيا آهن، مستقبل ۾ سنڌ جي اندر ڪنهن به نام نهاد ليڊر جي اڳواڻي ۾ مزاحمت جي ٽڪي جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻيرن گهرڻ جي برابر آهي، سنڌ جا وسيلا مڪمل طور وڪرو ٿي چڪا آهن، اسٽيبلشمينٽ اڳي سڌي طرح ۽ هاڻي اڻ سڌي طرح بنا ڪنهن ملامت حاصل ڪرڻ جي سنڌ کي مڪمل طرح ڪالوني بڻائي چڪي آهي، انگريزن وانگر خانبهادري وارا لقب انهن جي فيڪٽري ۾ تيار ٿي رهيا آهن، جيڪو به آشيرواد حاصل ڪرڻ چاهي، انهيءَ جي لاءِ ذاتي زندگي جا سڀ انعام اڪرام موجود آهن.

ست ڪروڙ سنڌين جو مستقبل 168 سنڌ جي اسيمبلي جي ميمبرن جي هٿ ۾ ناهي پر بدقسمتي سان انهيءَ مستقبل کي صرف آصف زرداري، فريال ۽ بلاول جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي، انھيءَ ڪري هن وقت پيپلز پارٽي انهيءَ جوهر ۾ ناهي، جنهن جوهر ۾ ذوالفقار علي ڀٽي ۽ بي نظير ڀٽو جي دور ۾ هئي، هن وقت جي قيادت جي ترجيح صرف ۽ صرف اقتدار ۽ ڪرپشن آهي، انھي پارٽي جي ڪري ئي سنڌ جي ويجهي مستقبل جو منظر وچ اوڀر جي عرب ملڪن ۽ ايران وانگر محسوس ٿي رهيو آهي، انهن ملڪن سان سامراجي قوتن جو جهيڙو حدبندين، مذهبي غلبي يا چڱ مڙسي جو ناهي پر انهن جو تيل، گيس، سون ڪوئلي جون کاڻيون ۽ ٻيا معدني قومي وسيلا ئي انهيءَ جو مک سبب آهن، جيئن سنڌ جي اسي سيڪڙو زمينن، تيل، گيس، ڪوئلي ، سون جي کاڻين ، جبلن ۽ بندرگاهن جي مالڪي هن وقت ست ڪروڙ سنڌين جي ناهي، سنڌ جا اهي وسيلا صرف ٻن ڏهاڪن جي اندر پي پي جي موجوده ٽرائيڪا ڀينگ ڪيا آهن.

پر هڪڙي ڳالهه طئي آهي ته سوشل ميڊيا سنڌي نوجوانن ۽ سياسي ڪارڪنن کي ايتري شعوري سگهه ڏني آهي جو ڪو به سنڌ جي عشق ۽ حقن جو علمبردار ٻن ٻيڙين ۾ سوار ٿيڻ چاهي ٿو ته انهيءَ جي سازشن کي ايترو وائکو ڪيو وڃي ٿو جو اهو ڀڄڻ ۾ پنهنجي عافيت محسوس ڪري ٿو جيئن تازو مارئي ميمڻ واري فورم سان تعدي ٿي ، هڪ ٻن ڏينهن جي اندر سوشل ميڊيا تي سنڌ جي حقيقي شعوري مزاحمت مارئي ميمڻ سان محبت ڪندڙن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا، اهڙي طرح سنڌ جي شعور کي پنهنجي اهڙي ئي شاندار صف بندي تي ڪاربند رهڻو پوندو، تيرهن ڏينهن جي ٻٻرلوءِ ڌرڻي اقتدار ڌڻين ۽ اسٽيبلشمينٽ کي تيرهن صدين جي مستقبل جي پلاننگ ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، انھيءَ ڪري ٻٻرلوءِ ۽ نيشنل هاءِ وي جي بدران وڏي تيزي سان اربين روپين جي هنگامي سيڙپ ڪري انهيءَ نيشنل هائي وي جو نعم البدل ڊبل ٽريڪ جيڏي روڊ ٺاهڻ جي شروعات ڪئي وئي آهي، سانگهڙ کان چونڊڪو، ٺڪراٺو مبارڪ پور ، خانپور مهر، جروار کان مريد شاخ کان وروڪڙ ڏيئي پنجاب جي طرف رخ موڙيو ويو آهي، جيئن پنجاب جي سرمائيدارن جو ڪراچي بندرگاهه تي کربين روپين جو ٻاهرين ملڪن کان امپورٽ ٿيندڙ سامان محفوظ طريقي سان بنا ڪنهن رنڊڪ روڪ جي پنجاب جي مختلف علائقن ۾ پهچي سگهي، هر حوالي سان پنجاب پوري پاڪستان جي صوبن کان هڪ سئو سال اڳتي آهي، انهن جو انفرا اسٽرڪچر ، ترقي، سهولتون، روزگار، صنعتڪاري عالمي سطح تي ڳنڍجي چڪي آهي، اها ترقي وڏن شهرن سان گڏ ٻهراڙين ۾ ڏسي سگهجي ٿي، انهن جي چونڊيل نمائندن ۽ اسان جي چونڊيل نمائندن ۾ پڻ وڏو فرق آهي، ڀلي ڪيڏو به چوڌري هجي، پنهنجي ووٽر جي آڏو جوابده آهي، سنڌ ۾ ڀوتارڪي ڪلچر جي اسيمبلي ميمبرن سوشل ميڊيا جي هر ميڊيم فيس بڪ، ايڪس، واٽس ايپ، انسٽا گرام، ٽڪ ٽاڪ تي ڊائريڪٽ صرف اڪائونٽ نه کولي ڇڏيا آهن پر سوشل ميڊيا جون ٽيمون پگهارن تي مقرر ڪري پنهنجي پذيرائي ڪرڻ ۾ پورا آهن.

عوامي خدمتن جي حوالي سان سنڌ سڀني صوبن کان بدترين صورتحال جي عروج تي آهي، وڏي ڳالهه ته وزير، مشير صرف ڏينهون پنهنجي دولت وڌائڻ جي مقابلي ۾ لڳل آهن، مشرف واري دور ۾ جن وٽ ٻه ٿڪل گاڏيون هونديون هيون، هن وقت ٽيهه ٽيهه ڪروڙن جون گاڏيون آهن ۽ مغلن جي محل نما بنگلن جي نمائش ڪئي ويندي آهي، تازو افطار پارٽين تي جيترو خرچ ڪيو ويو، انھي مان غربت جي بدترين سطح تي پهچندڙ مسڪين ماڻهن جي ضرورتن جو پورائو ڪيو وڃي ها ته انهن جي سياست کي وڌيڪ فائدو ملي ها، مسڪين ماڻهن کي بينظير ڪارڊ جي ذريعي پنانگي جو هيراڪ ڪيو ويو آهي.

اهڙي صورتحال ۾ ڪو اميد جو ڪرڻو ته نظر نٿو اچي جنهن ڪري مستقبل قريب ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي ڪا بهتري ٿي سگهي، پر چيو ويندو آهي ته ماڪوڙيون به متحد ٿي وڃن ته ببر شينهن جي کل لاهي سگهن ٿيون ۽ سنڌي ماڻهن کي پنهنجي تاريخ ساز جدوجهد کانسواءِ ٻي ڪا واٽ ناهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.