عوام کي رليف، حڪومت تيل اگهن ۾ واڌ روڪڻ لاءِ اهم قدم کڻي ورتو!

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت تيل اگهه نه وڌائڻ جو فيصلو ڪندي ترقياتي بجيٽ مان 100 ارب رپين جي ڪٽوتي ڪري ڇڏي.
ميڊيا رپورٽن موجب هلندڙ مالي سال لاءِ پي ايس ڊي پي ۾ شامل ترقياتي منصوبن تي اها ڪٽوتي ڪئي وئي آهي، جنهن سان بجيٽ هڪ هزار ارب رپين مان گهٽجي 900 ارب رپيا ٿي وئي آهي.
رٿابندي واري وزير احسن اقبال نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي ته پي ايس ڊي پي ۾ 10 سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي وئي آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته ان قدم جو مقصد تيل اگهن ۾ واڌ کي اثرائتي طريقي سان روڪڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.