ڪراچي (ويب ڊيسڪ)جڳ مشهور گلوڪار علي ظفر عيد واري لُڪ تي ٿيندڙ تنقيد تي خاموشي ٽوڙيندي طنزيا جواب ڏئي ڇڏيو.
عيد تي غير روايتي ڪپڙا پائڻ سبب علي ظفر وائرل ٿي ويو. تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هن هلڪي گلابي رنگ جا ڪپڙا ۽ ڌوتي پاتي، جڏهن ته ٻي تصوير ۾ ساڳي رنگ جا ڪپڙا سندس گهرواريءَ کي به پهريل هئا، جنهن تي کيس سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو.
انسٽاگرام تي اداڪار ۽ گلوڪار علي ظفر هڪ طنزيه اسٽوري شيئر ڪئي.
هن پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ لکيو ته ”هو قوم کان معافي وٺڻ چاهي ٿو جو هن بنا گنجيءَ جي ”سي ٿرو“ قميص پاتي ۽ عيد جي ڏهاڙي روايتي اجرڪ واري گوڏ ۾ ٻوٽن کي پاڻي ڏئي رهيو هو، جيڪو وڏو ”ڏوهه“ آهي.
هن لکيو ته کيس اندازو آهي ته اهو قومي ۽ عالمي سطح تي وڏو مسئلو بڻجي چڪو آهي ۽ هو ڪوشش ڪندو ته مستقبل ۾ اهڙي ”سنگين غلطي“ ٻيهر نه ورجائي.
سوشل ميڊيا تي گلوڪار جي بيان تي مختلف تبصرا ڪيا ويا، ڪجهه واهپيدارن ان کي مزاحيه قرار ڏنو، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن تڪراري لباس کانپوءِ ان ردعمل کي غير مناسب پڻ چيو.