ڪراچي ۾ دهشتگردي جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ هيلپ لائن متعارف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ دهشتگردي جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ هيلپ لائن متعارف ڪرائي وئي.
نيشنل انٽيليجنس فيوزن اينڊ ٿريٽ اسيسمنٽ سينٽر (NIFTAC) ڪائونٽر ٽيررازم هيلپ لائن 1719 متعارف ڪرائي آهي، جنهن بابت سنڌ جي اطلاعات کاتي پڌرائي جاري ڪئي آهي.
پڌرائيءَ موجب هيلپ لائن ذريعي شڪي سرگرمين، دهشتگردي جي امڪاني خطرن ۽ دهشتگردي بابت جاري واقعن تي وقت سر اطلاع ڏئي سگهبو.
ان هيلپ لائن جو مقصد عوام، سرڪاري کاتن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ هم آهنگي کي مضبوط بڻائڻ آهي ته جيئن خطرن جي جلد نشاندهي، ڄاڻ جي تڪڙي ڏي وٺ ۽ لاڳاپيل اختيارين طرفان تيز رفتار آپريشنل ردعمل کي ممڪن بڻائي سگهجي.
پڌرائيءَ ۾ عوام کي درخواست ڪئي وئي آهي ته اهي ڪنهن به شڪي سرگرمي جو فوري طور اطلاع ڏين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.