ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار فيصل قريشي جي زال ثنا فيصل ٻي شادي جي دلچسپ ڪهاڻي ٻڌائي ڇڏي.
ثنا فيصل تازو ئي هڪ پوڊڪاسٽ ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي جتي هن فيصل قريشي سان پنهنجي پهرين ملاقات ۽ شادي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.
رپورٽ موجب هن پهرين شادي خاندان جي رضا مندي سان گهٽ عمر ۾ ڪئي هئي جنهن بعد هوءَ پرڏيهه هلي وئي.
ثنا فيصل ٻڌايو ته سندس پهرين شادي ڏاڍي ڏکي هئي ۽ جڏهن هوءَ شاديءَ کانپوءِ ڏکي وقت مان گذري پئي ته سندس خاندان ۾ هڪ شادي ٿي رهي هئي جنهن لاءِ هوءِ پاڪستان واپس آئي.
هن ٻڌايو ته شادي جي تقريب ۾ فيصل قريشي کيس پهريون ڀيرو ڏٺو ۽ کيس شادي جي آڇ ڪرڻ پيو چاهي پر جڏهن کيس ڄاڻ ملي ته هوءَ شادي شده آهي ته ڳالهه اتي ختم ٿي وئي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته شادي ۾ شرڪت کانپوءِ هوءَ واپس پرڏيهه هلي وئي پر پوءَ به معاملا ٺيڪ نه ٿيا ۽ نيٺ طلاق ٿي وئي.
رپورٽ موجب ثنا فيصل ٻڌايو ته طلاق کان اڳ ئي فيصل قريشي فون ڪري شاديءَ جي آڇ ڪئي هئي ۽ چيو ته ”جيئن اوهان طلاق وٺڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته مان توهان سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو“
هن وڌيڪ چيو ته سندس عدت ختم ٿيڻ جي هڪ ڏينهن بعد ئي فيصل قريشي سان سندس نڪاح ٿي ويو.