ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مصطفيٰ عامر قتل ڪيس ۾ ارمغان جي گهر تي ڇاپي دوران فائرنگ ۾ زخمي ٿيندڙ ڊي ايس پي دم ڏئي ڇڏيو.
ڊي آءِ جي ڏکڻ موجب ڊي ايس پي احسن ذوالفقار، مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي جوابدار ارمغان جي گهر ڇاپي دوران فائرنگ ۾ زخمي ٿيو هو.
هن ٻڌايو ته احسن ذوالفقار نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، جيڪو لاڏاڻو ڪري ويو آهي.
واضح رهي ته مصطفيٰ عامر ڪراچي جي علائقي ڊفينس مان 6 جنوري 2025 ۾ گم ٿي ويو هو، جنهن جو لاش 14 فيبروري 2025 تي حب مان مليو هو، مصطفيٰ کي سندس ننڍپڻ جي دوستن تشدد ڪرڻ کانپوءِ گاڏي ۾ ويهاري ساڙي ڇڏيو هو.
مصطفيٰ عامر قتل ڪيس، ارمغان جي گهر تي ڇاپي دوران فائرنگ ۾ زخمي ٿيندڙ ڊي ايس پي دم ڏئي ڇڏيو
You might also like