لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) عالمي شهرت ماڻيندڙ گلوڪارا شڪيرا جو ڀارت کانپوءِ قطر ۾ ٿيڻ وارو ڪنسرٽ به ملتوي ٿي ويو.
خابرو اداري موجب قطر ۾ شڪيرا جو شيڊيول ڪنسرٽ ملتوي ٿي ويو آهي.
رپورٽ موجب شڪيرا جو ڪنسرٽ خطي جي موجوده ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب ملتوي ڪيو ويو. ان کان اڳ گريمي ايوارڊ حاصل ڪندڙ عالمي پاپ آئيڪون شڪيرا جو ڀارت ۾ ٿيندڙ ڪنسرٽ ملتوي ڪيو ويو آهي.
انسٽاگرام تي جار ي بيان ۾ چيو ويو آهي ته موجوده جغرافيائي سياسي صورتحال ۽ علائقي ۾ ڇڪتاڻ سبب شڪيرا جو ڪنسرٽ ايندڙ اعلان تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.