لنڊن ۾ يهودي تنظيم جي ايمبولينسن تي حملو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي تخت گاهه لنڊن ۾ سومر جي صبح هڪ يهودي فلاحي تنظيم جي چئن ايمبولينسن کي باهه ڏني وئي.
واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو پر گيس سلينڊر ڦاٽن سبب ويجهن گهرن کي ڪجهه نقصان پهتو.
لنڊن جي ميٽروپوليٽن پوليس موجب ٽن شڪين جي ڳولا جاري آهي ۽ واقعي جا ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ جاچ ڪئي پئي وڃي.
برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي يهودي برادري سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.