چيلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻڌي جي ضرورت آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان کي پيش چيلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻڌي ضروري آهي.
مراد علي شاهه گورنر نهال هاشمي ۽ پنهنجي ڪابينا ميمبرن سان گڏ قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري.
ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته شهيد ڀٽو ۽ شهيد بي بي قائداعظم جي خواب کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي.
هن چيو ته صدر زرداري ۽ بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ پ پ جي جدوجهد اڄ به جاري آهي، ملڪ جي ترقي لاءِ قائداعظم جي اصولن تي عمل ڪرڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت عوام جي ڀلائي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان کي معاشي ۽ سماجي طور مستحڪم بڻائڻ پهرين ترجيح آهي.
مراد علي شاهه چيو ته سنڌ اسيمبلي پاڪستان جو ٺهراءُ پاس ڪيو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ايٽمي پروگرام ملڪ کي طاقت ڏني، اڄ دشمن اسان کي ميري اک سان نٿو ڏسي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.