منهنجو سياسي ۽ عوامي ڪردار مراد علي شاهه ادا ڪندو: نهال هاشمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر نهال هاشمي چيو آهي ته منهنجو سياسي ۽ عوامي ڪردار مراد علي شاهه ادا ڪندو.
يوم پاڪستان جي موقعي تي قائداعظم جي مزار تي حاضري کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي نهال هاشمي چيو ته قائداعظم محمد علي جناح هڪ ٺهراءَ ذريعي پاڪستان ٺاهڻ جو بنياد رکيو، پاڪستان ٺاهيندڙن کي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا.
هن چيو ته جيڪو بنياد اسان جي وڏن رکيو هو، ان جي منزل اڃا اڳتي آهي، اسان کي دنيا کي ٻڌائڻو آهي ته پاڪستان عظيم قوم آهي.
سندس چوڻ هو ته قيدي نمبر 804 جو ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي، کيس عدالت ڇڏي سگهي ٿي حڪومت نه.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.