پي ايس ايل ڇڏي آءِ پي ايل کي ترجيح ڏيندڙ رانديگرن خلاف ڪارروائي جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي پاڪستان سپر ليگ 11 تان هٿ کڻندڙ رانديگرن خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
صحافين سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته ڪجهه رانديگر پي ايس ايل ڇڏي ٻين ليگن، خاص طور آءِ پي ايل ۾ شامل ٿيا آهن، جنهن تي بورڊ سخت نوٽيس ورتو آهي، ٻه کان ٽي رانديگر ليگ ڇڏي ويا آهن ۽ ان معاملي تي قانوني ڪارروائي ڪري رهيا آهيون.
هن چيو ته مسلسل ٻيو سال آهي ته پي ايس ايل ۽ آءِ پي ايل هڪ ئي ونڊو ۾ کيڏيون پيون وڃن، جيڪڏهن ڪجهه رانديگر وڃي رهيا آهن ته انهن جي جاءِ تي باصلاحيت رانديگر ليگ جو حصو به بڻجي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته اڳ ۾ به اهڙا ڪيس سامهون آيا هئا ۽ قاعدن موجب ڪارروائي ڪئي وئي، هاڻ به ائين ئي ايڪشن ورتو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.