اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) لگزري گاڏين ۾ استعمال ٿيندڙ هاءِ آڪٽين فيول تي ليوي 100 رپين مان وڌائي 300 رپيا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وڊيو لنڪ ذريعي ٿيندڙ اجلاس ۾ هاءِ آڪٽين فيول تي ليوي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
وزيراعظم هائوس مان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب هيٺئين ۽ وچولي طبقي جي استعمال هيٺ عام گاڏين ۾ استعمال ٿيندڙ ٻارڻ جا اگهه نه وڌايا ويا ۽ رڳو لگزري گاڏين ۾ استعمال ٿيندڙ هاءِ آڪٽين فيول جي قيمت وڌائي وئي آهي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ريگولر پيٽرول پراڻي قيمت تي ئي ملندو ۽ ان فيصلي سان پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ هوائي جهازن جي ڀاڙن ۾ ڪا واڌ نه ٿيندي، فيصلي سان حڪومت کي هر مهيني 9 ارب رپين جي بچت ٿيندي، جنهن مان عوام کي رليف ڏنو ويندو.
You might also like