صبح جو خالي پيٽ پاڻي پيئڻ کي صحت لاءِ فائديمند سمجهيو ويندو آهي، اهو جسم کي نرمي سان جاڳائيندو آهي، هاضمي کي فعال ڪندو آهي ۽ آنڊن جي صفائي ۾ مدد ڏيندو آهي.
پاڻي رت جي رواني بهتر بڻائيندو آهي، قبضي گهٽائڻ ۾ مدد ڏيندو آهي ۽ جسم ۾ گڏ ٿيل نقصانڪار مادن کي به خارج ڪرڻ ۾ به آساني پيدا ڪندو آهي، جنهن سان ڏينهن جي شروعات تازگي سان ٿيندي آهي.
پر ماهرن جو چوڻ آهي ته ٿڌو نه هلڪو گرم پاڻي پيئڻ سان ئي اهي فائدا ماڻي سگهجن ٿا.
گرم جي ڀيٽ ۾ ٿڌو پاڻي پيئڻ سان معدو اوچتو سڙڪجي وڃي ٿو، جنهن سان هاضمو سست ٿي سگهي ٿو، ڪجهه ماڻهن کي ان سان گيس، پيٽ ۾ سور، سستي ۽ سنڌن ۾ تڪليف ٿي سگهي ٿي، خاص طور اهي ماڻهو جن جو معدو ڪمزور هجي يا جن کي نزلي، زڪام ۽ سنڌن جا مسئلا هجن.
پر ڏينهن جي ٻين وقتن ۾، خاص طور ورزش کانپوءِ يا سخت گرمي ۾ ٿڌو پاڻي پي سگهجي ٿو، مسئلو رڳو صبح خالي پيٽ جو آهي، جڏهن جسم سڀ کان وڌيڪ حساس هوندو آهي.
You might also like