تهران (ويب ڊيسڪ) ايران خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسان جي بجلي نظام کي نشانو بڻايو ويو ته خطي ۾ توانائي اثاثن تي حملا ڪري سگهون ٿا.
ايراني فوج جي مرڪزي ڪمانڊ جي ترجمان ابراهيم ذوالفقاري چيو آهي ته ايران نه رڳو تيل ۽ گيس جي اثاثن پر پاڻي صاف ڪندڙ پلانٽن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي نظام کي به نشانو بڻائي سگهي ٿو، خاص طور تي اهي اثاثا، جيڪي آمريڪا ۽ اسرائيل سان جڙيل هجن.
واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن 48 ڪلاڪن ۾ آبناءِ هرمز کي نه کوليو ويو ته ايران جي بجلي گهرن کي نشانو بڻائينداسين.
You might also like