سوئٽزرلينڊ آمريڪا کي هٿيارن جون برآمدون روڪي ڇڏيون، سريلنڪا جو به اڏا ڏيڻ کان انڪار

برن + ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) سوئٽزرلينڊ ايران جنگ دوران پنهنجي غير جانبداري برقرار رکندي آمريڪا سميت جنگ ۾ شامل ملڪن کي هٿيارن جون برآمدون معطل ڪري ڇڏيون، جڏهن ته سريلنڪا به آمريڪي جنگي جهازن کي پنهنجا اڏا استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
سوئس حڪومت موجب اهو فيصلو عالمي قانونن ۽ غير جانبداري جي پاليسي تحت ڪيو ويو آهي ته جيئن جاري تڪرار ۾ ڪنهن به ڌر جي حمايت کان پاسو ڪيو وڃي.
هوڏانهن سريلنڪن صدر پارليامينٽ کي ٻڌايو ته آمريڪا ٻن جنگي جهازن جي مقرري جي درخواست ڪئي هئي، جنهن کي رد ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.