سوڊان ۾ اسپتال تي خوفناڪ حملو، ٻارن سوڌو 60 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

خرطوم (ويب ڊيسڪ) سوڊان جي رياست دارفور ۾ هڪ اسپتال تي ڊرون حملي جي نتيجي ۾ 60 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
مقامي ذريعن ۽ گڏيل قومن ٻڌايو ته جمعي ڏينهن ٿيل ان حملي ۾ الدائين ٽيچنگ اسپتال کي نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 12 ٻار پڻ حياتيون وڃائي ويٺا.
نيم فوجي تنظيم ريپڊ سپورٽ فورسز ٻڌايو ته حملي ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا ۽ اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ جي مٿين ماڙ مڪمل طور تباهه ٿي وئي، جڏهن ته عمارت ۽ طبي اوزارن کي به سخت نقصان پهتو.
تنظيم موجب ڪيترائي ماڻهو اڃا تائين ملبي هيٺ دٻيل آهن ۽ امدادي ڪارروائيون جاري آهن.
ريپڊ سپورٽ فورسز ان حملي کي عالمي انساني قانونن جي کليل ڀڃڪڙي قرار ڏيندي آزاداڻي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.
اوڀر دارفور جي مقامي سول انتظاميا جي سربراهه تصديق ڪئي آهي ته زخمين ۾ وڏي انگ ۾ عورتون ۽ ٻار شامل آهن.
ٻئي پاسي سوڊان ۾ انساني معاملن لاءِ گڏيل قومن جي اداري واقعي تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي شهرين ۽ طبي عملي جي تحفظ تي زور ڏنو آهي.
واضح رهي ته سوڊاني هٿياربند فوج ۽ ريپڊ سپورٽ فورسز وچ ۾ اپريل 2023 کان جاري جنگ سبب ملڪ ۾ سخت انساني بحران پيدا ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ هزارين ماڻهو مارجي چڪا آهن ۽ لکين بي گهر ٿي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.