مشهور ٽڪ ٽاڪر مڙس هٿان قتل، جوابدار پاڻ کي به ماري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي همڪ ٿاڻي جي حدن ۾ مشهور پشتو ٽڪ ٽاڪر ثنا جاويد، جيڪا سوشل ميڊيا تي ”آئوٽ لوفرا“ جي نالي سان سڃاتي ويندي هئي، کي مڙس فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جوابدار بعد ۾ پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو.
پوليس ذريعن موجب واقعو لگنم ٽاور ڀرسان پيش آيو، جتي مڙس محمد صادق مبينا طور پهرين پنهنجي زال تي فائرنگ ڪئي ۽ پوءِ پاڻ کي مٿي ۾ گولي هڻي زندگي جو خاتمو ڪري ڇڏيو.
ايف آءِ آر جي متن موجب واقعي واري هنڌان ٽي خول ۽ هڪ نائين ايم ايم پسٽل هٿ آيو آهي، جنهن کي پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.
شروعاتي جاچ ۾ سامهون آيو آهي ته محمد صادق اٽڪ پوليس ۾ ڪانسٽيبل طور مقرر هو، پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعو ظاهري طور گهريلو اڻبڻت جو نتيجو لڳي ٿو، جڏهن ته ٻنهي زال مڙس وچ ۾ اڪثر جهيڙن جا اطلاع به مليا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اها مقتولا ثنا جاويد جي ٻي شادي هئي، ان کان اڳ هن شفيق احمد نالي شخص سان شادي ڪئي هئي، جنهن کان هن خلع ورتي هئي.
پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.