سعودي عرب پاران ايراني سفارتڪارن کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ايران جي سفارتي عملي کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سعودي پرڏيهي وزارت موجب ايراني فوجي اتاشي ۽ اسسٽنٽ فوجي اتاشي سميت سفارتخاني جي ٻئي عملي کي 24 ڪلاڪن اندر ملڪ ڇڏڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي.
سعودي حڪومت انهن اڻ وڻندڙ شخصيت قرار ڏنو آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو فيصلو ملڪي سلامتي ۽ خود مختياري جي تحفظ لاءِ ڪيو ويو آهي ۽ هر ممڪن قدم کڻڻ جو حق محفوظ رکون ٿا.
سعودي اختيارين ايران تي سخت الزامن هڻندي چيو ته ايراني قدم خطي جي امن لاءِ سنگين خطرو آهن ۽ ان جا نتيجا به سنگين هوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.