ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ صبح سوير کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات شروع ٿي وئي.
موسميات کاتي موجب عيد ڏينهن ڪراچي ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان وڌيڪ برسات جو امڪان آهي، برسات جو سلسلو اڄ رات تائين وقفي وقفي سان جاري رهندو.
موسميات کاتي چيو ته برسات سبب گرمي جي شدت گهٽجڻ جو امڪان آهي، اڄ وڌ کان وڌ گرمي پد 31 ڊگري تائين رهندو.
ان کانسواءِ سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، حيدرآباد سميت سنڌ جي ٻين حصن ۾ به برسات جو امڪان آهي.
Next Post
You might also like