حڪومت عيد تي مهانگائيءَ جو نئون بم ڪيرائي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ وڌندڙ اگهن سبب پاڪستان ۾ اڄ کان في ليٽر گاسليٽ 70 رپيا 73 پيسا مهانگو ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب گاسليٽ جي قيمت ۾ 70 رپيا 73 پيسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 428 رپيا 74 پيسا ٿي وئي آهي.
واضح رهي ته گذريل هفتي به گاسليٽ جي قيمت ۾ 39 رپيا 20 پيسا واڌ ٿي هئي.
اهڙي ريت ٻن هفتن ۾ گاسليٽ 110 رپيا في ليٽر مهانگو ٿي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.