ايران سعودي، يو اَي اِي ۽ قطر جي تيل ۽ گئس ٿاڪن تي حملن جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي پاسدارانِ انقلاب سائوٿ پارس گيس فيلڊ ۽ ريفائنري تي حملي جو فوري جواب ڏيڻ جو اعلان ڪندي سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن ۽ قطر ۾ موجود تيل ۽ گيس ٿاڪن جي ويجهو رهندڙ شهرين، ملازمن ۽ ٻين ماڻهن کي علائقو خالي ڪرڻ جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ايران اعلان ڪيو آهي ته سائوٿ پارس گيس فيلڊ ۽ ريفائنري تي حملي جو فوري جواب ڏنو ويندو.
ايراني فوج جي گڏيل هيڊڪوارٽر خاتم الانبياءَ طرفان چيو ويو آهي ته اڳ ئي خبردار ڪيو ويو هو ته توانائي جي انفراسٽرڪچر تي حملي جو سخت ردعمل ڏنو ويندو ۽ جنهن ملڪ مان حملو ڪيو ويندو، ان جي توانائي ٿاڪن کي نشانو بڻايو ويندو.
پاسدارانِ انقلاب سان لاڳاپيل خبر ايجنسي پنهنجي ٽيليگرام چينل ذريعي وارننگ جاري ڪندي چيو آهي ته سعودي عرب جي سامرف ريفائنري، الجبيل پيٽروڪيميڪل ڪمپليڪس، گڏيل عرب امارتن جي الحسن گيس فيلڊ، قطر جي مسيعيد پيٽروڪيميڪل ڪمپليڪس ۽ هولڊنگ ڪمپني ۽ راس لفان ريفائنري جي ڀرپاسي رهندڙ شهري ۽ ملازم فوري طور علائقو خالي ڪن.
پاسدارانِ انقلاب طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ”ڄاڻايل سمورا مرڪز هاڻي جائز هدف بڻجي ويا آهن ۽ ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن اندر انهن کي نشانو بڻايو ويندو، تنهنڪري شهري، علائقي واسي ۽ ملازم فوري طور انهن علائقن مان نڪري وڃن.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.