ڪيف (ويب ڊيسڪ) يوڪرائن جي صدر ولاديمير زيلنسڪي چيو آهي ته ايراني ڊرون حملن خلاف دفاع ۾ مدد لاءِ 200 کان وڌيڪ يوڪريني فوجي ماهر وچ اوڀر ۾ مقرر آهن.
برطانوي پارليامينٽ کي خطاب ڪندي زيلنسڪي ٻڌايو ته يوڪريني ٽيمون اڳواٽ ئي گڏيل عرب امارتن، قطر ۽ سعودي عرب ۾ موجود آهن، جڏهن ته وڌيڪ ماهر ڪويت روانا ٿي رهيا آهن.
يوڪريني صدر ان کان اڳ هڪ بيان ۾ انڪشاف ڪيو هو ته آمريڪا سميت 11 ملڪن نار وارن ملڪن تي ڪيل ايراني شاهد ڊرون حملن کي منهن ڏيڻ لاءِ يوڪرين کان مدد طلب ڪئي آهي.
ايراني حملا ناڪام بڻائڻ لاءِ سوين يوڪريني فوجي ماهر وچ اوڀر ۾ موجود آهن: زيلنسڪي
You might also like