”ڪامران ٽيسوري کي ڇو هٽايو؟ “ايم ڪيو جو وزيراعظم کان وڏو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)ايم ڪيو ايم پاڪستان وزيراعظمکان گورنر سنڌ کي هٽائڻ واري فيصلي تي نظرثاني جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر فاروق ستار چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري کي هٽائڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪري.
ايم ڪيو ايم اڳواڻ امين الحق چيو ته گورنر سنڌ جي تبديلي بابت وزيراعظم سان ملاقات ۾ خدشن جو اظهار ڪيو ويندو.
هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سواءِ گورنر سنڌ کي هٽايو ويو، ڪوشش ڪئي ويندي ته ايندڙ وقت ۾ به اهو عهدو ايم ڪيو ايم وٽ ئي رهي.
امين الحق وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جي خراب ڪارڪردگي سبب ترقياتي رٿائون رولڙي جو شڪار آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.