بالي ووڊ مسلم مخالف نظرئي جي پرچار جو ڳڙهه بڻجي ويو، ڪيرالا اسٽوري ٽو نئون تڪرار کڙو ڪري ڇڏيو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي مين اسٽريم ميڊيا کانپوءِ بالي ووڊ به هندوتوا جي پرچار ۾ سرگرم ٿي ويو آهي، تڪراري فلم ”دي ڪيرالا اسٽوري“ کان پوءِ ”دي ڪيرالا اسٽوري 2“ ٻيهر تڪرار کڙو ڪري ڇڏيو آهي.
فلم جي ٽريلر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر مسلمان مخالف منظر ڏيکاريا ويا آهن، جڏهن ته ان فلم کي بنياد بڻائي هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن مسلمانن جي معاشي ۽ سماجي بائيڪاٽ جو قسم پڻ کنيو.
ان کان اڳ به فلم ”دي ڪيرالا اسٽوري“ تي سخت تنقيد ڪئي وئي هئي ۽ مختلف حلقن ان کي پروپئگينڊا قرار ڏنو هو.
سوشل ميڊيا تي فلم خلاف سخت ردعمل سامهون اچي رهيو آهي، جڏهن ته نقاد فلم سماجي ويڇا وڌائڻ جي ڪوشش قرار ڏئي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.