شهيد ڀٽو پاڪستان کي ايٽمي قوت بڻايو ۽ اسان سڪون سان سمهندا آهيون: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ گلشن معمار کان ٽاور تائين اليڪٽرڪ بس سروس جي نئين روٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته پ پ قيادت عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪري رهي آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته ماڻهن کي وڌ کان وڌ رليف ڏيون.
هن چيو ته پاڪستان هن وقت جنگ جي حالت ۾ آهي ۽ پاڪ فوج دهشتگردن خلاف قربانيون ڏئي رهي آهي، پاڪ فوج جي قربانين سبب پاڪستان ڏانهن ڪير به ميري اک سان نٿو ڏسي سگهي.
سندس چوڻ هو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي ايٽمي قوت بڻايو ۽ اسان سڪون سان سمهندا آهيون، پاڪستان جو دفاع تمام گهڻو مضبوط آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.