اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اين ڊي ايم اي 17 کان 25 مارچ تائين سڄي ملڪ ۾ تيز هوائن سان گڏ برساتن ۽ ڳڙي جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، جنهن سبب الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.
سومر تي جاري ڪيل الرٽ ۾ اختيارين ٻڌايو ته اولهه هوائن جو اهو طاقتور سلسلو اڱاري کان ملڪ جي اتر ۽ اولهه علائقن تي اثرانداز ٿيڻ شروع ٿي ويندو، جنهن جي نتيجي ۾ اسلام آباد، راولپنڊي، مري، گليات سميت لاهور، سيالڪوٽ ۽ گوجرانوالا ۾ به آنڌاري ۽ ڳڙو پوڻ جو امڪان آهي.
ڏکڻ پنجاب جي ضلعن ملتان، بهاولپور ۽ ڊي جي خان ۾ به برساتن جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته خيبر پختونخواهه جي ڪيترن ئي علائقن ۾ وقفي وقفي سان برساتن جو سلسلو هڪ هفتي تائين جاري رهي سگهي ٿو.
اين ڊي ايم اي جي رپورٽ موجب ان موسمي تبديلي جا اثر بلوچستان تي به پوندا، جتي 23 مارچ تائين آنڌاري ۽ برساتن جو امڪان آهي، جڏهن ته سنڌ جي مٿانهن علائقن، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ به ڪٿي ڪٿي مينهن وسي سگهي ٿو.
گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي جابلو علائقن ۾ جتي کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، اتي ئي وري برفباري سبب گرمي پد گهٽجڻ جو امڪان آهي.
امڪاني خطرن کي ڏسندي سڀني صوبائي ۽ ضلعي انتظامي ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي.
Prev Post
You might also like