رحيم يار خان حادثو: بي آءِ ايس پي جو فوتي عورتن جي وارثن ۽ زخمين لاءِ امداد جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي انتظاميا رحيم يار خان واقعي ۾ فوت ۽ زخمي ٿيل عورتن لاءِ مالي مدد جو اعلان ڪري ڇڏيو.
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن رحيم خان حادثي تي سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي ۽ حادثي ۾ فوت ٿيل عورتن جي وارثن لاءِ 10-10، جڏهن ته زخمي عورتن لاءِ 3-3 لک رپيا امداد جو اعلان ڪيو آهي.
بي آءِ ايس پي ترجمان موجب فوتي عورتن جي وارثن ۽ زخمين کي ادائيگيون سڀاڻي تائين ڪيون وينديون، جڏهن ته حادثي جي جاچ به ڪرائي ويندي.
ترجمان چيو ته بي آءِ ايس پي چيئرپرسن روبينا خالد ۽ جاچ ڪميٽي رحيم يار خان رواني ٿي وئي آهي، ڪميٽي 24 ڪلاڪن ۾ تفصيلي رپورٽ پيش ڪندي ۽ واقعي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
هن چيو ته امڪاني غفلت کي ڏسندي پارٽنر بينڪ کي به نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي ۽ ان تي ڳرو ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.